رانديون

پي ايس ايل 7 ۾ گيل ۽ ملر سميت 443 پرڏيهي رانديگر رجسٽرڊ

پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن ۾ ڪرس گيل ۽ ڊيوڊ ملر سميت 443 پرڏيهي ڪرڪيٽرن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، جن دستيابي ظاهر ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ 27 جنوري کان شروع ٿيندڙ ايونٽ جي مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايلڪس هيلز، تبريز شمسي بھ نظر ايندا. جڏهن تھ پلاٽينيم ۽ ڊائمنڊ ڪيٽيگرين ۾ بين ڪٽنگ، جيسن روئي، جيمز فوڪنر، راشد خان، ٽيمال ملز، عمران طاهر، رائلي روسو، ٿيسارا پريرا، ڪولن منرو، ڪولن انگرام، مرچنٽ ڊي لينج، سنديپ لميچاني، جيمز وينس ۽ ٻيا ڪرڪيٽر رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايونٽ ۾ آسٽريليا، افغانستان، بنگلاديش، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ، ڪينيڊا، آئرلينڊ، نيپال، نميبيا، نيڌر لينڊ، اومان، زمبابوي ۽ ٻين ملڪن جا ڪرڪيٽر دستياب هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button