رانديون

ڀارت نيوزيلينڊ کي 372 رنسن تان هارائي ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 272 جي وڏي اسڪور تان شڪست ڏئي ٽيسٽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ممبئي جي وانکنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڀارت جي ڏنل 540 جي هدف آڏو ٻي اننگ ۾ 167 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، سندس 3 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ هينري نڪولس 44 رنسن سان نمايان رهيا، ٽام بلينڊل، ٽم سائودي ڪو اسڪور نھ ڪيو، ول سمرولي هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان کان اڳ ڀارت پهرين اننگ ۾ 325 ۽ ٻي ۾ 276، نيوزيلينڊ پهرين اننگ ۾ موراڳي 62 رنسن تي پويلين موٽي وئي. ڀارتي بالرن پاران روي چندرن ايشون ۽ جيانت يادو 4،4 کلاڙي آئوٽ ڪري ڀارت جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button