رانديون

ساجد خان 6 وڪيٽون وٺي بنگلاديشي بيٽنگ تباهه ڪري ڇڏي

پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ بنگلاديش جي بيٽنگ لائين کي پاڪستان جي بالر ساجد خان 6 وڪيٽون وٺي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڍاڪا ٽيسٽ جي چوٿين ڏهاڙي برسات سبب راند دير سان شروع ٿي سگهي، جنهن بعد پاڪستان 4 وڪيٽون وڃائي 300 رنسون ٺاهيون ۽ اننگ ڊڪليئر ڪئي. جڏهن تھ پاڪستان جا بيٽر فواد عالم 50 ۽ رضوان 53 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا، بنگلاديش جا سمورا بالر خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. 300 رنسن جي هدف آڏو ڪالهه راند ختم ٿيڻ تائين بنگلاديش 76 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، جنهن بعد مٿس 224 رنسن جي برتري اڃا رهي آهي. جڏهن تھ ٽيم کي فالوآن کان بچڻ ۾ 25 رنسن جي ضرورت آهي. بنگلاديش جا شادمان اسلام 3، محمد الحسن جوئي ۽ مهدي حسن ٻڙي تي ويا، نجم الحسن شنٽو 30، ڪپتان مومن الحق هڪ، مشفيق الرحيم 5، لٽن داس 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. شڪيب الحسن 23 ۽ تيجل اسلام ٻڙي سان پچ تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button