رانديون

ڀارتي ٽيم 26 ڊسمبر تي ڏکڻ آفريقا ويندي، نئون شيڊول جاري

ڪرونا جي عالمي وبا جي نئين ويريئنٽ جي خدشن سبب ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ملتوي ڪيل ڏکڻ آفريقي دوري جو نئون شيڊل جاري ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي ٽيم جو دورو 26 ڊسمبر کان شروع ٿيندو، جيڪو 23 جنوري تائين جاري رهندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڏکڻ آفريقي بورڊ ۽ بي سي سي آئي دوري جي نئين شيڊول جي تصديق ڪئي، جن جي وچ ۾ اهو پڻ اتفاق ٿيو آهي تھ ڀارتي ٽيم جي دوري ۾ 3 بدران 2 ٽيسٽ ميچ رکيا ويندا. جڏهن تھ دوري ۾ چئن ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز جو شيڊول ايندڙ سال جاري ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button