رانديون

“مونکي توهان تي فخر آهي” شعيب ملڪ جو ڀائيٽي جي ٽرپل سينچري تي خوشي جو اظهار

ڪراچي: آل رائونڊر شعيب ملڪ پنهنجي ڀائيٽي محمد حريره جي ٽريپل سينچري تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. شعيب ملڪ ٽوئيٽر تي هڪ خاص پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن محمد حريره جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته مونکي توهان تي فخر آهي. اڳوڻي ڪپتان حريره کي هدايت ڪئي ته محنت جاري رکو ۽ مضبوطيءَ سان اڳتي وڌو.

شعيب ملڪ پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هاڻي توهان کي گهڻو ڊگهو سفر ڪرڻو آهي. شعيب ملڪ جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي نوجوان ڪرڪيٽر چيو ته ان ساراهه ۽ حوصلا افزائي مان ائين لڳي رهيو آهي ته هو چنڊ تي پهچي ويو آهي. واضح رهي ته محمد حريره قائداعظم ٽرافي ۾ بلوچستان خلاف ٽرپل سينچري اسڪور ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button