رانديون

اهو تاثر نه ڏنو وڃي ته فاسٽ بالر ڪپتان نٿا ٿي سگهن: شاهين شاهه آفريدي

ڪراچي: قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن ۾ لاهور قلندرز جو ڪپتان مقرر ڪرڻ تي فرنچائز جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ هو ته لاهور قلندر وارن مون کي شروع کان ئي عزت ڏني آهي. اهو منهنجي لا اعزاز جي ڳالهه آهي ته جنهن ٽيم سان پي ايس ايل شروع ڪيو اڄ انهي جو ڪپتان بڻجي ويو آهيان. هميشه ڪوشش رهي آهي ته لاهور قلندر لا سٺو کيڏان.

هن وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ شامل ٻين رانديگرن کي اڳتي وٺي هلندس. ڪپتاني ۽ بالنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندس. اسان جي ٽيم جا اوپنر سٺا آهن ۽ مڊل آرڊر به تمام گهڻا بهتر آهن. لاهور قلندرز جي ڪپتان جو چوڻ هو ته پي ايس ايل 7 ۾ جتي ڪا گهٽتائي هوندي ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، اهو تاثر نه ڏنو وڃي ته فاسٽ بالر ڪپتان نٿا ٿي سگهن، ماضي ۾ وسيم اڪرم، وقار يونس سميت ڪيترائي فاسٽ بالر ڪپتان ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button