اسلام آبادپاڪستان

بجلي آهي نه گئس،نيب چيئرمين جو به جلد احتساب ٿيندو:شاهد خاقان

اسلام آباد :اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ هاڻي نه بجلي آهي نه گئس آهي، توانائي جي شعبي ۾ ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي. ملڪ ۾ هر شئي بند ٿي رهي آهي، آئل ريفائنري بند ٿي چڪي آهي. چيئرمين نيب خاموش ويٺو آهي، نيب چيئرمين جو به جلد احتساب ٿيندو. خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آئي جي حالت سڀني جي سامهون آهي. گارگند، حملا ڪرڻ جي روايت به هن ئي جماعت رکي هئي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڊيلي ويجر چيئرمين هاڻي ميڙ منٿن تي اچي چڪو آهي، چيئرمين نيب جي ڪرسين سان چنبڙڻ جي عادت ناهي وئي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام پڇندو ته اوهان کي جعلي ڪيس بنائڻ جو ڪنهن اختيار ڏنو، جن ادارن ۾ ڪرپشن ٿي، ان جي شڪايت ڪريو نه ٿوري، ڇا وزيراعظم ۽ وزيرن ۾ همت آهي جو شڪايت ڪري سگهن. هن چيو ته مهانگائي جو مقابلو آمريڪا سان ڪيو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ 400 بجلي جا يونٽ آهن. ڀارت ۾ 1200 بجلي جا يونٽ آهن. توانائي واري وزير کان پڇو ته ڀارت ۾ في ڪس بجلي جي کپت ڇا آهي؟ توانائي وارو وزير چوي ٿو ته اسان کي بجلي جي ضرورت نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button