رانديون

قائد اعظم ٽرافي جي ميچ دوران اوپنر عابد علي جي طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور: قائد اعظم ٽرافي جي هڪ ميچ ۾ بيٽنگ ڪندي اوپنر عابد علي جي طبيعت خراب ٿي وئي. قائد اعظم ٽرافي ۾ بيٽنگ دوران اوپنر عابد علي جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ کيس چيڪ اپ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. يو بي ايل گرائونڊ ۾ خيبرپختونخواهه خلاف ميچ ۾ سينٽرل پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ عابد علي 61 رنسون ٺاهي کيڏي رهيو هو ته هن جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ پويلين موٽي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عابد علي کي بيٽنگ دوران سيني ۾ سور محسوس ٿيو هو. ٻئي طرف سينٽرل پنجاب ٽيم جي مئنيجر اشرف علي “ايڪسپريس نيوز” سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته عابد علي کي چيڪ اپ لاءِ اسپتال نيو ويو آهي. هن کي بيٽنگ دوران سيني ۾ سور ٿيو هو يا ٻي ڪا وجهه آهي، انهي باري ۾ اڃا ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، اصل صورتحال چيڪ اپ کانپوءِ ئي معلوم ٿيندي.

هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽيسٽ ڪرڪيٽر عابد علي جي صحت بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي عملدار موجب عابد علي جي طبيعت بهتر آهي، جڏهن ته سندس وڌيڪ ٽيسٽون جاري آهن. ٻئي طرف اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته عابد علي جي اي سي جي نارمل ٿي وئي آهي ۽ پروٽين لاءِ سندس دل جي عضلاتي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي. اسپتال ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته هن وقت عابد علي جي ايڪو ٽيسٽ ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button