اسلام آبادپاڪستان

هاءِ ڪورٽ وزيراعظم خلاف نااهلي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد:)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم خلاف نااهلي جي درخواست پٽيشنر پاران واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي. اڱاري تي وزيراعظم عمران خان خلاف نااهلي جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست گذار پاران واپس وٺڻ جي بنياد تي ختم ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته سٺو آهي ته وڃي ميدان ۾ وڙهو. پٽيشنر عبدالوهاب بلوچ عمران خان جي نااهلي لاءِ عدالت سان رابطو ڪندي درخواست ۾ چيو هو ته عمران خان نامزدگي فارمن ۾ پنهنجي ڌيءَ ٽيريان جيڊ وائٽ کي لڪايو، تنهنڪري هاڻي هو صادق ۽ امين ناهي رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button