اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ اميدوار غلط چونڊڻ سبب شڪست ملي:وزيراعظم

اسلا م آباد: وزير اعظم عمران خان خيبر پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو سبب اميدوارن جي غلط چونڊ کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ اسان غلطيون ڪيون ۽ ان جو نقصان ڀوڳيو، هاڻ آئون پاڻ نگراني ڪندس. ملڪ ۾ پريشاني جو ذميوار اسين پاڻ آهيون، امداد لا پاڪستان جو غلط تصور پيش ڪيو ويو. ڪالهه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ غلطيون ڪيون ۽ نقصان برداشت ڪيو. هن چيو ته غلط اميدوارن جي چونڊ هڪ اهم سبب هو. هاڻي کان آئون خيبر پختونخوا جي ٻئي مرحلي سميت پوري ملڪ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان حڪمت عملي جي پاڻ نگراني ڪندس، تحريڪ انصاف هاڻي وڌيڪ طاقت سان اڀرندي. عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ ميرٽ کي آڻڻ بعد سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هوڏانهن اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته او آءِ سي جي ڪامياب تقريب تي واڌايون ڏيان ٿو، ٿوري وقت ۾ پرڏيهي وزيرن کي گڏ ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي. ملڪ جي سڃاڻپ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، او آءِ سي ڪانفرنس ڪرائڻ جو اسان جو مقصد پورو ٿي ويو.هن چيو ته هڪ وقت هو جو پاڪستان جو وزير اعظم آمريڪا وڃي ته آمريڪي صدر آجيان ڪندو هو. اسان پاڪستان جي بهترين سڃاڻپ ڏيکاري، انساني حياتي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، اڳ اسان جي حڪمرانن جي ترجيح عوام نه پر ڊالرز هئا. وزيراعظم چيو ته اسان جي پنهنجي غلطين جي ڪري ملڪ پوئتي ويو، اسان پاڻ کي استعمال ٿيڻ ڏنو. امداد جي لاءِ ملڪ جي ساک کي قربان ڪري ڇڏيوسين، رڳو پئسن جي ڪري عوامي مفاد جي خلاف پاليسيون ٺاهيون، ٻين ملڪن جي ناراضگي کان بچڻ جي لاءِ اسان پنهنجا ماڻهو قربان ڪيا. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ غلط فيصلا ڪيا ويا، جنهن جو نقصان ٿيو، اسان کي ٻئي ڪنهن کي ڏوهي سمجهڻ کان اڳ درست فيصلا ڪرڻ گهرجن، ملڪ ۾ قانون ۽ ميرٽ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. عمران خان چيو ته دنيا افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف جي حمايت ڪري رهي آهي. افغانستان جي جلد کان جلد مدد ڪئي وڃي، او آءِ سي اجلاس ڪوٺائڻ جو مقصد دنيا کي ٻڌائڻ هو ته اسان اڪيلي سر مدد نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ملڪ ڪرنٽ اڪائونٽ بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيئن ئي ترقي ڪيون ٿا ته ڊالر جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ رپئي تي دٻاءُ اچي ويندو آهي. اسان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي بحران مان نڪرنداسين ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو. هڪ ڀيرو اسان هن بحران مان نڪري ويا هئاسين پر دنيا ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ ڪري ٻيهر مشڪلاتن جو شڪار ٿي وياسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button