پاڪستانسنڌ

اين آءِ سي وي ڊي ملازمن جو ڪراچي ۾ هيلٿ الائونس نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ڪراچي:نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (اين آءِ سي وي ڊي) جي ملازمن هيلٿ الائونس نه ملڻ تي او پي ڊي ۽ وارڊز ۾ ڪم بند ڪري اسپتال جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. اين آءِ سي وي ڊي جي پيرا ميڊيڪل ۽ هائوس ڪيپمنگ اسٽاف احتجاج ڪندي چيو ته گذريل 14 مهينن کان ڪرونا هيلٿ ۽ رسڪ الائونس نٿو ڏنو وڃي. ان موقعي تي ملازم اسپتال کان ٻاهر نڪتا ۽ مک دروازي جي سامهون ڌرڻو هنيو، جنهن سبب شاهراهه فيصل کان اين آءِ سي ايڇ ويندڙ رستو ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور بند ٿي ويو. پوليس احتجاج ڪندڙن کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ملازمن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون. جڏهن ته اسپتال ايندڙ غريب مريضن کي به سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. اسپتال انتظاميا موجب رهتن جي ادائيگي جي لاءِ سنڌ سرڪار سان رابطو ڪيو آهي، جيئن ئي پيسا ملندا ادا ڪيا ويندا. ملازمن 6 ڪلاڪن تائين احتجاج ڪيو، جنهن دوران مک شاهراهه کي بند رکيو ويو ۽ انتظاميا جي خاطري کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button