پاڪستانسنڌ

ملير ڪورٽ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ چالان منظور ڪري ورتو

ڪراچي (:ڪراچي جي ملير ڪورٽ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پوليس جي عبوري چالان تي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چالان منظور ڪري ورتو. عدالت شنوائي دوران پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته چالان تي مدعي جي وڪيل جي اعتراضن کي آخري چالان کان پوءِ ڏٺو ويندو. مدعي جي وڪيل مظهر جوڻيجو عدالت کي ٻڌايو ته چالان ۾ ڪمزوري آهي، جاچ آفيسر جوابدارن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عبوري چالان ۾ ضمانت تي آزاد پنج جوابدارن جا نالا داخل ناهن ڪيا ويا. ضمانت تي آزاد ٿيل جوابدارن کي مڪمل فائدو پهچائڻ جي ڪوشش آهي. مدعي جي وڪيل چيو ته جوابدار زاهد کي بي ڏوهه قرار ڏيڻ جاچ آفيسر جي بدنيتي کي ظاهر ڪري ٿو. جاچ آفيسر بي ڏوهه قرار جوابدار کي گرفتار ڪيو نه ئي جاچ ڪئي ته بي گناهه ڪيئن قرار ڏنو؟ جاچ آفيسر روپوش صورت شناس گارڊز ۽ پرڏيهي ٻن جوابدارن جو نالو داخل نه ڪيو. پوليس پرڏيهي جوابدارن جي گاڏي هٿ ڪئي پر جوابدارن جا نالا ڳجها ڇو رکيا؟ مدعي جي وڪيل مظهر جوڻيجو عدالت کي اپيل ڪئي ته ايف آئي اي کان پرڏيهي جوابدارن جو رڪارڊ گهرايو وڃي، چالان ۾ قتل جي ڌمڪي، گارگند ۽ ڄاڻ لڪائڻ جا قلم داخل ڪرڻ جا حڪم ڏنا وڃن. واضح رهي ته عدالت مدعي جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوط ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button