رانديون

بنگلاديش تاريخ جوڙي ورتي، پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

مائونٽ منگنوئي: بنگلاديش سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي هارائي تاريخ رقم ڪري ڇڏي. مائونٽ منگنوئي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش ٽيم 8 وڪيٽن تان تاريخي فتح حاصل ڪري ورتي. بنگلاديش پهريون ڀيرو نيوزيلينڊ ۽ ڇهون ڀيرو هوم گرائونڊ کان ٻاهر ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي.

مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ ۾ فتح بنگلاديش لاءِ انهي ڪري به خاص آهي ڇو ته اها ڪيويز خلاف ٽيسٽ ۾ هنن جي پهرين فتح آهي. بنگلاديش پهرين ٽيسٽ ۾ 40 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، بالر عبادت حسين ٻي اننگز ۾ 6 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون.

اها ٽيسٽ ميچ جي فتح تاريخي اهميت جي حامل آهي ڇو ته 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ايشيائي ٽيم نيوزيلينڊ ۾ ٽيسٽ کٽي آهي، ان کان اڳ پاڪستان جنوري 2011 ۾ هيملٽن ۾ ٽيسٽ ميچ کٽي هئي. هيملٽن ۾ پاڪستان جي فتح کانپوءِ ايشيائي ٽيمن نيوزيلينڊ ۾ 19 ٽيسٽ ميچون کيڏيون هيو، جن ۾ 16 ۾ شڪست ۽ 3 ڊرا ٿي ويون هيون. ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 9 جنوري کان کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button