اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز کي نجي اسڪول سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ڪينٽ بورڊز کي خانگي اسڪول سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ ڪنٽونمينٽ علائقن مان خانگي اسڪولن جي بي دخلي خلاف درخواستن تي شنوائي ٿي. عدالت سموري ملڪ جي ڪنٽونمنٽ بورڊز کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ڪينٽ بورڊز کي ٻئي حڪم اچڻ تائين ڪينٽ ايريا ۾ ٺهيل نجي اسڪولز کي سيل ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪينٽ بورڊز ۾ 8300 خانگي اسڪول قائم آهن ۽ ان اسڪولن ۾ 37 لک ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اسڪول سيل ڪيا ويا ته ٻارڙا ڪيڏانهن ويندا. پرائيويٽ اسڪولز ۽ شاگردن جي والدين پنهنجي موقف ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولز کي ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو ڏنو هو. اصل ڪيس ته رهائشي پلاٽ تي اسڪول ٺاهڻ جو هو. ڪيس ۾ موقف ٻڌڻ کان سواءِ سخت حڪم جاري ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪينٽ بورڊز کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي شنوائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button