اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا سبب 5 ڄڻا فوت،898 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد:گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، 49 هزار 673 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. اربع ڏينهن قومي صحت وزارت طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 673 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 898 ماڻهن جون ڪرونا ٽيسٽون مثبت آيون آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪرونا ٽيسٽن جي مثبت اچڻ جي شرح 1 ڏهائي 80 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 5 رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 652 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هوڏانهن نيشنل هيلٿ سروسز ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 15 ڪروڙ 90 لک 58 هزار 469 ماڻهن جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 15 ڪروڙ 90 لک 58 هزار 469 ماڻهن جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ 8 لک 84 هزار 515 ماڻهن کي ڪرونا وائرس کان تحفظ جي ويڪسين لڳائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button