رانديون

وسيم اڪرم هڪ ڀيرو ٻيهر سمنڊ ڪناري گندگي ڦهلائيندڙن تي ڏمرجي پيو

ڪراچي: اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم هڪ ڀيرو ٻيهر سمنڊ ڪناري گندگي ڦهلائيندڙن تي ڏمرجي پيو. وسيم اڪرم هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جي سامونڊي ڪناري کي صاف ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وسيم اڪرم سمنڊ ڪاري تي ايندڙ سياحن کي اپيل ڪئي ته اهي اچن ۽ سمنڊ جو نظارو ڪن پر ان جي صفائي جو به خاص خيال رکن.

هن چيو ته گندگي نه پکيڙيو، ڪچري لاءِ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون آڻيو ته جيئن ٻاهر نڪرڻ وقت اهي ٿيلهيون پاڻ سان کڻي سگهجن. وسيم اڪرم افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهن کي سمجهائيندي شرم ٿو اچي جيئن ڪنهن پنجن سالن جي ٻار کي سمجھايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button