رانديون

انڊر 19 ورلڊ ڪپ:پاڪستان زمبابوي کي 115 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن :ويسٽ انڊيز ۾ کيڏجندڙ انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ مخالف ٽيم زمبابوي کي 115 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان جي ٽيم 316 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم 200 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 316 رنسون 9 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاهيون. پاڪستاني اوپنر حسيب الله شاندار بيٽنگ ڪندي 135 رنسون ٺاهيون ۽ عرفان خان 75 رنسون ٺاهيون. زمبابوي طرفان اليڪس فلائو 5 شڪار ڪيا. برائين بيرنٽ 83 رنسون ٺاهيون، پر هو به ڪاميابي ڏياري نه سگهيو.پاڪستان جي اويس علي 56 رنسون ڏئي 6 رانديگرن کي گهر ڀيڙو ڪيو. ذيشان ضمير ۽ احمد خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button