اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف فنڊنگ رپورٽ جا ڪجهه حصا ڳجها رکڻ واري اپيل رد

اسلام آباد:اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور چيو آهي ته تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي شنوائي دوران اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور موقف اختيار ڪيو ته رپورٽ ۾ ڪيترائي انگ اکر ڏنا ويا آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايترا انگ اکر ڪٿان آيا آهن. انور منصور چيو ته کيس 2 ڏينهن اڳ ڪيس مليو آهي، ڪجهه شيون ڏسڻ لاءِ وقت گهرجي، اسان جون ڪجهه غلطيون آهن، جيڪي قبول ڪيون ٿا. جيڪڏهن ڪميٽي جون غلطيون آهن ته درست ڪيون وڃن. ان دوران اڪبر ايس بابر جي وڪيل چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جا ڪجهه حصا اسان کي نه ڏنا ويا. اسڪروٽني ڪميٽي جو سربراهه اسپيشل سيڪريٽري به اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ميمبر جي رٽائرمنٽ جي ڪري اسڪروٽني ڪميٽي غير فعال ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ جو ڪيس به ان نوعيت جو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته رپورٽ جا ڪجهه حصا ڳجها رکڻ واري استدعا رد ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو ته اسڪروٽني ڪميٽي جا ڪي به ڊاڪيومينٽ ڳجها ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button