پاڪستانپنجاب

نوازشريف جي صحت بابت رپورٽون اڻپوريون،راءِ نٿا ڏئي سگهون:ميڊيڪل بورڊ

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ پنجاب جي صحت کاتي وٽ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ميڊيڪل بورڊ لکيو ته نواز شريف جي رپورٽس بدران رڳو هڪ ڊاڪٽر جي لکت اماڻي وئي آهي ۽ لکت سان گڏ ڪنهن به عالمي اداري جي ميڊيڪل رپورٽ نه لڳائي وئي. ذريعن ٻڌايو ته نواز شريف جي ڪارڊيڪ ۽ پليٽ ليٽس سميت ٻين بيمارين جي رپورٽ به گڏ نه اماڻي وئي. ذريعن موجب ميڊيڪل بورڊ لکيو ته نواز شريف جي صحت بابت ڏنل دستاويز مڪمل ناهن، دستاويز مڪمل نه هجڻ تي صحت بابت ڪابه راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي. واضح رهي ته وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ خاص ميڊيڪل بورڊ ڪجهه ڏينهن اڳ جوڙيو ويو هو، ميڊيڪل بورڊ ۾ ڊاڪٽر محمد عارف نديم، ڊاڪٽر غياث النبي طيب، ڊاڪٽر ثاقب سعيد، ڊاڪٽر شاهد حميد، ڊاڪٽر بلال محي الدين، ڊاڪٽر عنبرين حامد، ڊاڪٽر شفيق الرحمان، ڊاڪٽر مونا عزيز ۽ ڊاڪٽر خديجا عرفان شامل آهن.بورڊ کي 5 ڏينهن اندر نواز شريف جي صحت ۽ پاڪستان واپسي جي حوالي سان پنهنجي ماهراڻي راءِ پيش ڪرڻي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button