رانديون

فيصلو اسان جي هٿ ۾ نھ هو، پاڪستان ۾ جيڪو ٿيو، اهو مايوس ڪندڙ آهي: ڪيوي ڪوچ

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو دورو ختم ڪندڙ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ چيو آهي تھ پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو پريشان ۽ مايوس ڪندڙ آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ هن جو چوڻ هو تھ مان پنهنجي ٽيم سان گڏ پاڪستان ۾ موجود نھ هئس، تنهنڪري ان معاملي تي تبصرو نٿو ڪري سگهان، ڇاڪاڻ تھ ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي هر معاملي کان آگاهه ناهي ڪيو ويندو، رنهنڪري مون کي گهڻو ڪجهه معلوم بھ نھ آهي. هن جو چوڻ هو تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ اسان جي پاڪستان سان آهي، سڀني جون نظرون ان تي ئي لڳل هونديون، يقينن اها ميچ اسان جي لا اهم ۽ ٻين کان مختلف نھ هوندي. هن چيو تھ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ برادري ۽ شوقينن جي پريشانين محسوس ڪري رهيا آهيون. گيري اسٽيڊ چيو تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا 5 رانديگر دبئي ۾ ٽريننگ ڪري رهيا آهن، ريزروو سميت اسڪواڊ جا 9 رانديگر دبئي ۾ آئي پي ايل کيڏي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button