سنڌ

شهدادڪوٽ ۾ پاڻي تان ڀاءُ جو رت پاڻي ٿي ويو

شهدادڪوٽ لڳ پاڻي جي واري تان ننڍي ڀاءُ لٺيون هڻي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڪالهه شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ پاڻي جي واري تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ننڍي ڀا سڪندر مگسي پنهنجي وڏي ڀا علي گل مگسي کي لٺيون ھڻي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مقتول جو پٽ صابر مگسي ڇڏائڻ دوران زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پھچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال شهدادڪوٽ آندو، لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن اسپتال ۾ موجود مقتول جي پٽ صابر ٻڌايو ته پنهنجي زمين ۾ پاڻي لاهڻ تان چاچي سڪندر مگسي ۽ سندس پٽن بابا مٿان لٺين سان حملو ڪري کيس بيگناھه قتل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button