سنڌ

ٽرين ڊرائيورن ۽ عملي تي ڊيوٽي دوران ٽچ موبائل هلائڻ تي پابندي

روهڙي : سکر ڊويزن ۾ ٽرين ڊرائيورن ۽ آپريشن اسٽاف تي ڊيوٽي دوران سمارٽ فون هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ٽرين ڊرائيور ۽ عملو ڊيوٽي دوران رڳو ڪي پيڊ فون استعمال ڪري سگهندو. ان ڏس ۾ ڊي ايس ريلوي سکر شعيب عادل ڊرائيورن ۽ اسٽاف کي سختي سان تنبيھه ڪئي آهي ته ڊيوٽي دوران ٽچ موبائل فون استعمال نه ڪيو وڃي. ڇو ته ڊيوٽي دوران فون جي استعمال سان ڪو حادثو ٿي سگهي ٿو، ٽرين آپريشن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو ۽ مسافرن جون قيمتي جانين جو به نقصان ٿي سگهي ٿو. تمام گهڻي ايمرجنسي ۾ ٽرين ڊرائيور ۽ آپريشنل اسٽاف رڳو سادو ڪيپيڊ بٽڻن وارو موبائيل فون استعمال ڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button