رانديون

پاڪستان جو ٽي 20 ورلڊ ڪپ چونڊيل اسڪواڊ جڏو نڪتو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو ٽي 20 ورلڊ ڪپ لا چونڊيل اسڪواڊ جڏو نڪتو آهي، جنهن نيشنل ٽي 20 ڪپ جي مقابلن ۾ خراب ڪارڪردگي سبب سليڪٽرن مٿان شديد تنقيد ڪرائي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي لا چيف سليڪٽر پاران اعلانيل اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن جي نيشنل ڪپ جي مقابلن ۾ ڪارڪردگي انتهائي خراب ثابت ٿي آهي. هن وقت تائين ٿيل کيڏيل ميچن ۾ اعظم خان، خوشدل شاهه، صهيب مقصود ۽ آصف علي جي ڪارڪردگي جو اختيارين جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي، جنهن سبب امڪان آهي تھ اسڪواڊ ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ڪيون وڃن. جڏهن تھ سليڪشن ڪاميٽي جي فيصلن تي عوامي سطح تي تنقيد ٿيڻ لڳي آهي، اهڙي ريت اعظم خان وڪيٽ ڪيپنگ ۽ بيٽنگ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، ڇوتھ ان جي سليڪشن پويان اهي ٻھ سبب ئي ٻڌايا ويا هئا. هوڏانهن نيشنل ٽي 20 ڪپ جي لا پنڊي توڙي لاهور ۾ تيار ڪيل پچن جي معيار تي پڻ سوال اٿي ويا آهن. جڏهن تھ پنڊي ۾ ٿيل مقابلن دوران پچ جي بائونسي هجڻ ڪري بيٽسمين شديد پريشانين جو شڪار نظر آيا آهن، جنهن تي پي سي بي چيئرمين رميز راجا سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اختيارين کان پڇاڻوم ڪيو آهي. ذريعن موجب رميز راجا پچن جي معيار تي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿيندي اختيارين کي پچز معياري بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. خاص ڪري 6 آڪٽوبر کان لاهور ۾ ٿيندڙ ميچن لا پچ کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button