پاڪستانسنڌ

پيپلز پارٽي جا وفاقي حڪومت خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا،ڌرڻا

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، بجلي، گئس لوڊشيڊنگ، وفاقي ادارن مان ملازمن کي نيڪالي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ان ڏس ۾ دادو ۾ ضلعي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم پي اي سيد صالح شاهه، صوبائي وزير ايم پي اي فياض احمد ٻٽ، ايم پي اي سجيلا لغاري، غلام دستگير ڳورڙ، غلام شبير ابڙو، وفا چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ ضلعي آفيس کان هزارين ڪارڪنن مارچ ڪري ايس ايس پي موڙ انڊس ها وي تي ڌرڻو هنيو. ٽنڊو محمد خان ۾ سوين ڪارڪنن پ پ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھه بخاري، ڊاڪٽر مير حسن ملاح، معشوق ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد – بدين روڊ تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. لاڙڪاڻو ۾ ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، خيرمحمد شيخ، انور علي نواز لهر، وقار ڀٽو، مير ماجد علي بروهي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نيازي حڪومت سنڌ سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ادارن مان 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري سندن خاندانن کي بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته وزيراعظم سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ رقم ۾ نظرانداز ڪري ثابت ڪيو ته هو صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گئس ۽ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري صوبي جي عوام کي پريشان ڪري رهي آهي. سليڪٽيڊ حڪومت مهانگائي ڪري پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button