سنڌ

ڀنگو بهڻ ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو،هڪ نوجوان قتل،5 ڄڻا مرڻينگ

ڀنگو بهڻ ڀرسان ڳوٺ عزت خان شر جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪٻئي تي لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملا ڪرڻ سان گڏ فائرنگ پڻ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان 18 سالن جو راشد پٽ ارباب علي شر قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا علي اڪبر، صاحب خان شر، ساجد علي، ممتاز شر ۽ مولابخش زخمي ٿي پيا. زخمين کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو، جن کي بعد خيرپور ۽ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن مقتول راشد شر جو لاش فيض گنج اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپو وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي مڙهه کڻي گهر پهتا ته روڄ راڙو مچي ويو. هوڏانهن مقتول نوجوان جي پي ارباب شر صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن اسان سان ظلم ڪيو آهي. معمولي ڳالهه تان گوليون هڻي منهنجي نوجوان پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي فيض گنج پوليس ٻڌايو ته اطلاع تي زخمين کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. ٻن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button