سنڌ

نواب شاهه ۾ لنڊڪي شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

دولتپور جي لنڊڪي شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مٺل اوٺو، واجد راھو، علي نواز، رضا محمد راھو، اياز لاشاري، جھنڊو کوسو، امام بخش جمالي ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض منڍ جي بااثر آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪن ٿا، جنھن ڪري اسان پڇڙي جي آبادگارن جون زمينون بنجر ٿي ويون آهن. ھنن چيو ته اسان کي پنھنجي مال متاع جي پيارڻ لاءِ به پاڻي ناھي. اسان سوين ايڪڙن جا مالڪ پاڻي جي کوٽ جي ڪري مزدوري ڪرڻ تي مجبور آھيون. اسان جا ٻچا بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن. ھنن چيو ته اسان چونڊيل نمائندن ۽ ايريگيشن عملدارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر اسان جي ڪير به داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن مطالبو ڪيو ته لنڊڪي شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏئي انھن جو معاشي قتل ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button