غير درجه بندي

ٿرڙي محبت ۾ شهري اتحاد اڳواڻ جو پٽ ۽ ڀا گرفتار،شٽربند هڙتال،مظاهرو

ٿرڙي محبت (ن، سنڌ ايڪسپريس) ٿرڙي محبت ۾ ڪَڪَڙ، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ سي آءِ اي پوليس جي وڏن اٽالن شهري اتحاد جي صدر ممتاز بروهي جي گهر ۾ گهڙي ته عورتن ۽ ٻارن مزاحمت ڪئي، جنهن کانپو پوليس شهري اتحاد جي صدر جي پٽ صيفل بروهي ۽ ڀا گلزار بروهي کي گرفتار ڪري وئي، جنهن کانپو شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري شهري اتحاد جي دڪاندار اڳواڻن فراز ميراڻي، صدرالدين جانوري، نزاڪت کوسو، قمر کوکر، غلام شبير منگي، اخلاق چانڊيو ۽ شاهنواز سولنگي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن راڌڻ -ميهڙ روڊ تي ڪنڊيور اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو پوليس شهري اتحاد جي اڳواڻ جي گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪندي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو آهي. ٻئي طرف شهري اتحاد جي صدر ممتاز بروهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪڪڙ ۽ ڪي اين شاهه پوليس گهر مان هزارين روپيا روڪ رقم ۽ سونا زيور کني وئي آهي. عورتن تي تشدد ڪيو. بنا ڪنهن ڏوهه جي منهنجي پٽ ۽ ڀا کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊي ايس پي ڪي اين شاهه پير بخش چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مهينو اڳ ڪڪڙ ۾ ظفر ٻگهيو جي پيٽرول پمپ وٽان لکين روپين جي چوري ٿي هئي. فريادي ڌر جوابدارن جي نشاندهي ڪئي، پوليس وٽ جاچ هلندڙ آهي. هوڏانهن احتجاج بعد پوليس هڪ ڄڻي گلزار بروهي کي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپو ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button