پاڪستانسنڌ

ٺري ميرواهه ۾ عورت سان لڄالٽ،وڊيو ڀري وئي،جوابدار گرفتار

ٺري ميرواهه شهر سومرا پاڙي ۾ عورت سان سندس پاڙيسري مبينا زيادتي ڪري وڊيو ڀري. جوابدار پاڙيسري عورت کي بليڪ ميل ڪري لڄالٽ ڪندو رهيو، جنهن جي خلاف هن ٿاڻي آڏو پهچي احتجاج ڪيو. پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. خبر موجب ٺري ميرواهه شهر جي سومرا پاڙي ۾ جي عورت لڄالٽ ڪري وڊيو رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار پاڙيسري خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته مڙس جي غير موجودگي ۾ 3 سال اڳ پاڙيسري گهر ۾ گهڙي زبردستي زيادتي ڪئي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪري مونکي بليڪ ميل ڪري لڄالٽ ڪندو رهي ٿو. ڪجھه ڏينهن اڳ اهڙي دانهن ٺري ميرواهه ٿاڻي تي کڻي پهتس ته مونکي جوابدار جي پيءُ اي ايس آ زبردستي گهر اماڻيو ۽ اسٽامپ پيپر تي صحيحون ورتيون ته آئون سندس پٽ کي ڪڏھن ڏٺو ناهي. لڄالٽ ڪندڙ پاڙيسري ۽ هن جي پي اي ايس آ مونکي وڊيو سوشل ميڊيا تي رکڻ ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون آھن. هوڏانهن رات دير سان ميرواهه ٿاڻي تي متاثر عورت جي فرياد تي لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button