رانديون

پي ايس ايل فرنچائيزز کي ڊالر جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ روينيو شيئرز ۾ اضافي جي آڇ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي فرنچائيزز لا نئون فنانشل ماڊل تيار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت انهن کي ڊالر جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ روينيو شيئرز ۾ اضافي جي آڇ ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل جي گورننگ باڊي جو اجلاس پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پي ايس ايل جي ڇهن ئي فرنچائيزن کي سيزن 5 ۽ 6 لا ڪرونا رليف ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين نئين فنانشل ماڊل تحت فرنچائيزز کي اهم آڇون ڏئي ڇڏيون آهن. نئين فنانشل ماڊل تحت ڄاڻايو ويو آهي تھ فرنچائيزز کي ليگ جي ستين ايڊيشن کان 20هين تائين فرنچائيزز کي روينيو شيئرز ۾ اضافي لا آڇ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين رميز راجا جو چوڻ هو تھ، اسان قانوني ۽ ڪانٽريڪٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي فرنچائيزز کي نئين ماڊل جي آڇ ڪئي آهي، اميد تھ سهڪار ڪيو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فرنچائيزز جي مالڪن خساري ۽ مالي ڏکيائين جو ذڪر ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button