رانديون

ڀارت جي جهولان گوسوامي بالنگ ۾ ٻي پوزيشن ماڻي ورتي

دبئي (اسپورٽس نيوز) آئي سي سي وومنز ڪرڪيٽ جي ون ڊي لا نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ڀارت جي جهولان گوسوامي ترقي ڪري بالنگ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق نئين ون ڊي رينڪنگ جي بالنگ ۾ آسٽريلوي جيس جوناسين پهريون نمبر آئي آهي. جڏهن تھ بيٽنگ ۾ لزيلي پهريون نمبر ٿي وئي آهي. آسٽريليا جي ايليسا هيلي ٻيو ۽ ڀارت متالي راج هيٺ ڪري ٽيون نمبر ٿي وئي آهي. بيٽسمينن ۾ آسٽريليا جي بيٿ موني ترقي ڪري ٽاپ 10 ۾ جڳهه ٺاهي آهي ۽ آل رائونڊرن ۾ ڏکڻ آفريقا جي ميريزين ترقي ڪري پهرين نمبر تي پهتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button