رانديون

،انگلينڊ 3 وڪٽن تي 244 رنسون ٺاهي ورتيون جوئي روٽ سنچري هڻي ويو

انگلينڊ ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏهاڙي ٽاس کٽڻ بعد بيٽنگ ڪندي 3 وڪيٽن تي 244 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. جڏهن تھ جوئي روٽ سنچري هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق بارباڊوس جي ميدان تي شروع ٿيل ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ جا اوپنر وڏو اسڪور ڪرڻ بنا آئوٽ ٿيا آهن. جڏهن تھ ايلڪس ليز 30 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، زيڪ ڪرائولي ٻڙي تي ڪيچ آئوٽ ٿي واپس هليو ويو. اهڙي ريت ڊين لارينس 13 چوڪن جي مدد سان 91 رنسن جي اننگ کيڏي ۽ بالر جيسن هولڊر سندس وڪيٽ ورتي. انگلينڊ جي ڪپتان جوئي روٽ زميداري سان کيڏندي 119 رنسن سان پچ تي موجود آهي. ويسٽ انڊيز جي بالرن جيڊن سيلز ۽ الزاري جوزف بھ هڪ، هڪ بيٽر کي آئوٽ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button