اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

سيمينٽ جي ٻوري ٻيهر 170 رپيا ۽ گيهه في ڪلو 8 رپيا مهانگو

اسلام آباد :ملڪ ۾ سيمينٽ جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي هن دور ۾ گهر هلائڻ سان گڏوگڏ گهر ٺاهڻ به ڏکيو ٿي ويو. سيمنيٽ جي قيمت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي ۽ گذريل ٻن هفتن ۾ سيمينٽ جي هڪ ٻوري جي قيمت 170 رپيا وڌي آهي، جنهن کانپوءِ سيمينٽ جي هڪ ٻوريءَ جي قيمت 800 رپيا ٿي وئي آهي. هوڏانهن رمضان کان اڳ گيهه جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي آهي. في ڪلو گيهه 8 رپيا مهانگو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 444 رپين مان وڌي 452 رپيا ٿي وئي آهي.واضح رهي ته هلندڙ مهيني گيهه جي قيمت ۾ 22 رپيا واڌ ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button