اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير اسد عمر اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وزيراعظم عمران خان، پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، مراد سعيد ۽ صوبائي وزيرن محب الله ۽ ڊاڪٽر امجد علي کي به نوٽيس جاري ڪيا. وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. وفاقي وزير اسد عمر اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس چئلينج ڪرڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو ۽ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ ڪابينا سيڪريٽريٽ ذريعي درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن ضابطي اخلاق سان اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي ختم ڪري سگهي. چونڊ مهم بابت اليڪشن ڪميشن جو آرڊر قانون جي خلاف آهي. قانونسازي ڪري سرڪاري آفيسر هولڊرز کي اليڪشن مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آرڊيننس کان پوءِ چونڊ مهم تي پابندي نٿو لڳائي سگهي. اليڪشن ڪميشن وٽ قانون ۾ تشريح جو اختيار ناهي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جي 10 مارچ جي آرڊر ۽ 11 مارچ جي نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button