رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا آخري ٽيسٽ اڄ کان کيڏندا، سيريز کٽڻ جو عزم

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ لاهور جي ميدان تي اڄ کان آخري ۽ فيصلائتي ٽيسٽ کيڏي ويندي، جنهن کي کٽڻ جو ٻنهي ڪپتانن عزم ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ فيصلائتي ٽيسٽ دوران ٽاس بھ اهم قرار ڏني وئي آهي، ڇوتھ امڪان اهو ئي آهي تھ جيڪو ٽاس کٽيندو، ميچ ان جي حق ۾ وڌيڪ هوندي. جڏهن تھ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ميدان تي پهچي پچ کي سمجهڻ خاطر ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سال 2009ع بعد لاهور آسٽريليا جي ٽيسٽ ٽيم جي ميزباني ڪندو. جڏهن تھ ان کان اڳ راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ ٿيل ٽيسٽ وارا ميچ ڊرا ٿيا هئا، تنهنڪري ٻنهي ٽيمن جي ڪوشش آهي تھ لاهور ٽيسٽ ۾ سندن ڪاميابي ٿئي. هوڏانهن ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ، پچ ڏسي حڪمت عملي ٺاهي آهي، مان لاهور ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ کيڏان پيو، جنهن ۾ ڪاميابي ماڻينداسين. آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو تھ، لاهور ۾ ريورس سوئنگ جو ڪردار اهم هوندو، هن ٽيسٽ ۾ هاڻ اسين چانسز مس نٿا ڪري سگهون، تنهنڪري محتاط ۽ بهتر حڪمت عملي سان کيڏنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button