اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي 5 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو امڪان،3 ارب 95 ڪروڙ جا بار پوندو

اسلام آباد :سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي) بجلي 5 رپيا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. سي پي پي اي فيبروري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 99 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. سي پي پي اي موجب فيبروري ۾ پاڻي مان 18 ڏهائي 22 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. جڏهن ته ڪوئلي مان 31 ڏهائي 70 سيڪڙو ۽ فرنس آئل مان 6 ڏهائي 51 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. پاور پرچيزنگ ايجنسي موجب مقامي گيس مان 11 ڏهائي 36 سيڪڙو ۽ ايل اين جي مان 15 ڏهائي 16 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي. ان کان علاوه جوهري ٻارڻ مان به 12 ڏهائي 53 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي. نيپرا موجب فيبروري لاءِ ريفرنس فيول لاڳت 4 رپيا 25 پئسا في يونٽ مقرر هئي. سي پي پي اي في يونٽ بجلي 4 رپيا 99 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي شنوائي 31 مارچ تي ٿيندي. منظوري جي صورت ۾ بجلي جي صارفين مٿان 3 ارب 95 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button