اسلام آبادپاڪستان

پ پ 16 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي:پي ٽي آ ميمبر نصرت واحد جي دعويٰ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر نصرت واحد انڪشاف ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي مون کي 16 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر نصرت واحد پنهنجي وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي پيپلز پارٽي بي اعتمادي رٿ ۾ حمايت جي بدلي 16 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ ان سان گڏ ايندڙ چونڊن بعد خاص سيٽ جي پڻ آفر ڏني وئي آهي ۽ اها آڇ ٻن هنڌن تان سنڌ ۽ پنجاب مان ٿي آهي. نصرت واحد پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جي ماڻهن طرفان 2 ڀيرا رابطو ڪيو ويو ۽ 16 ڪروڙ روپين جي آڇ ڪئي وئي. ايتري وڏي رقم رد ڪرڻ مشڪل ڪم هوندو آهي پر آئون ان پئسن جو ڇا ڪنديس. منهنجي خيال ۾ حرام جي ڪمائي صرف شڪلون نٿي بگاڙي پر ان سان نسل خراب ٿي ويندا آهن ۽ جيڪڏهن نسل خراب ٿي وڃي ته ان سان وڏو نقصان ٿيندو آهي. ان لاءِ ٿورا ئي پئسا ملي وڃن پر ان تي گذارو ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبر نصرت واحد رابطو ڪري پئسن جي آڇ ڪندڙ جو نالو ناهي ٻڌايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button