رانديون

پي ايس ايل 8 جا مقابلا ايندڙ سال فيبروري ۽ مارچ ۾ ٿيندا

پاڪستان سپر ليگ سيزن 8 جا مقابلا ايندڙ سال فيبروري ۽ مارچ ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ملڪي ليگ جي ايونٽ واري ونڊو جي امڪاني نشاندهي بھ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ايونٽ 15 فيبروي کان 31 مارچ تائين ڪرائڻ جو رٿيو ويو. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز پهرين ٿيندي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ پي ايس ايل 8 جا شيڊول ميچ ڪراچي ۽ لاهور بعد ملتان ۽ رالپندي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تُھ نيوزيلينڊ جي ٽيم ايندڙ سال جنوري ۾ 2 ٽيسٽ ۽ وائيٽ بال سيريز کيڏڻ پاڪستان ايندي، جنهن بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button