سنڌ

صالح پٽ ڀرسان 6 گهرن کي باهه،عورت زخمي،3 ٻڪريون مري ويون

صالح پٽ ڀرسان پورهيتن جي 6 ڪکاون گهرن کي باهه لڳي وئي، هڪ عورت سڙي زخمي ۽ 3 ٻڪريون سڙي مري ويون. خبر موجب صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ ترور ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب پورهيتن جي ڪکاون گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب 6 پورهيتن ستاري، مجنون، اجوبو، ببلو، لالچند ۽ سڪو باگڙي جا ڪکاوان گهر ۽ گهرن ۾ پيل هنڌ، زيور، اناج، لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثرين چيو ته باهه وسائيندي هڪ عورت ريما باگڙي سڙي زخمي ٿي پئي ۽ ٽن نياڻين جو ڏاج به سڙي رک ٿي ويو آهي. جڏهن ته باهه ۾ 3 ٻڪريون به سڙي مري ويون. متاثرين اپيل ڪئي ته اسانجي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن ٻيهر اجها اڏي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button