اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

اوگرا ايل پي جي قيمت ۾ 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي

اسلام آباد : آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ايل پي جي قيمت ۾ 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. اوگرا طرفان ڪيل گهٽتائي کان پوءِ ايل پي جي في ڪلو قيمت 232 رپيا ٿي وئي آهي. چيئرمين ايل پي جي ايسوسيئيشن عرفان کوکر چيو آهي ته اسان جي فارمولي تي عمل ڪري ايل پي جي جي موجوده سرڪاري قيمت ۾ 100 رپيا في ڪلو تائين گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. عرفان کوکر چيو آهي ته ايل پي جي پروڊيوسر بيس پرائس کي 40 هزار رپيا في ميٽرڪ ٽن تي فڪس ڪيو ويندو. ايل پي جي جي لوڪل پيداوار کي فوري طور تي وڌايو وڃي ته ان جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 15 رپيا 27 پئسا في ڪلو گرام گهٽتائي کان پوءِ نئين قيمت 231 رپيا 85 پئسا ٿي وئي آهي. ايل پي جي جو 11 ڏهائي 8 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 180 رپيا 28 پئسا سستو ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2735 رپيا 83 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. اپريل ۾ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 2918 رپيا 11 پئسن جو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button