اسلام آبادپاڪستان

نوازشريف ۽ شهباز شريف سميت 7 ماڻهو قتل ڪرڻ چاهين ٿا:شيخ رشيد

اسلام آباد :عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪو ڪجهه روضه رسول صه جي ٻاهر ٿيو، ان جي مذمت ڪريان ٿو. حڪومت مون کي ۽ عمران خان کي تحريڪ کان اڳ گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته راڻا ثناءُالله کي پٽو وڌو وڃي، هي مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. منهنجي حياتي کي خطرو آهي. مون پنجن ئي ايجنسين جي سربراهن کي خط لکي ڇڏيو آهي. مون خط ۾ لکيو آهي ته مون کي جيڪڏهن قتل ڪيو ويو ته انهن ماڻهن کان جاچ ڪئي وڃي. مون درخواست ڏني آهي ته هي 7 ماڻهو مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار شهباز، نواز، حمزا ۽ راڻا ثناءُالله سميت 7 ماڻهو هوندا. شيخ رشيد چيو ته ن ليگ حڪومت ۾ ايندي ئي 300 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا. عدليا انصاف ڪري، سمورو بار عدليا تي اچڻ لڳو آهي. ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. هنن هر انهي ماڻهو جي بدلي ڪئي، جنهن هنن جي ڪيسن جي جاچ ڪئي. شيخ رشيد چيو ته مان پهريان ئي چوندو هئس ته ن مان ش نڪرندي. هن وقت شين جي حڪومت آهي. مون پهريان ئي چيو هو ته مئي جو مهينو خوفناڪ هوندو. آصف زرداري چاهي ٿو ته پنجاب ۾ گند پکڙجي، ان ڪري هاڻ پنجاب ۾ گند پکڙجي ويو آهي. هي اسان کي سليڪٽيڊ چوندا هئا اڄ اسان کين امپورٽڊ چئون ٿا. هن چيو ته شهباز شريف 14 ڀيرا فوج جي پيرن تي ڪريو. راشد شفيق جي آزادي جي خيرات نٿو گهران. سٺو آهي هو 10-15 ڏينهن اندر رهي. هي هن جي پهرين جيل آهي. مان ته رٽائرڊ ٿي رهيو هئس پر هاڻ لئي نالي ۽ عمران خان جي ڪري چونڊون وڙهندس. هنن جيڪڏهن عمران خان کي يا شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ته حالتون خراب ٿي وينديون. جنهن جي ذميواري هنن جي مٿان هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button