اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي:توانائي وزارت جي دعويٰ

اسلام آباد :توانائي واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي واعدي موجب ملڪ ۾ اڄ کان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ توانائي واري وزارت چيو آهي ته 2500 ميگا واٽ کان وڌيڪ واڌو بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي آهي. وزارت جو چوڻ آهي ته عيد جي موڪلن ۽ ان کانپوءِ به بجلي جي بنا وقفي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته حڪومت طرفان عيدالفطر تي 3 ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف پهرين مئي کان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي مڪمل خاتمي جي به هدايت ڪئي هئي. توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير چيو هو ته پهرين مئي کان حڪومت طرفان گئس جي فراهمي جو امڪان آهي ۽ پهرين مئي کان آهستي آهستي لوڊشيڊنگ جا معاملا حل ٿي ويندا، اينگرو جو ٿر ۾ پلانٽ به ڪم شروع ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button