رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت مقابلي واريون ٽڪيٽون ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ وڪامي ويون

دبئي (اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا 17 آڪٽوبر کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ مقابلي لا آن لائين ٽڪيٽون ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ وڪامي ويون آهن. ميڊيا مطابق دبئي جي ميدان تي 24 آڪٽوبر تي شيڊولڊ ميچ جون ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ لا جيئن رکيون ويون تھ اهي صبح تائين ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويون. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ٽڪيٽن جي وڪري لا آن لائين ونڊو کلڻ شرط ئي هزارن جي تعداد ۾ شوقينن خريداري ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مقابلي واري ميچ لاٽڪيٽن جي مد ۾ 1500 درهمن ۾ پريميئم ۽ 2600 درهمن ۾ پلاٽينيم ٽڪيٽون وڪرو ڪيون ويون آهن. جڏهن تھ صبح ٿيڻ تائين ٽڪيٽون ختم ٿيڻ بعد شوقينن جو وڏو تعداد بليڪ تي خريداري لا سرگرم ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button