اسلام آبادپاڪستان

عوام مٿان هڪ ٻيو بار، بجلي في يونٽ هڪ روپيو 65 پيسا مهانگو

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا پاران جاري ڪيل بيان موجب بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ هڪ رپئي 65 پيسن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو 3 ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ڪيو ويو آهي.

گذريل مالي سال جي پھرين ۽ ٻين ٽه ماهي ۾ بجلي جي قيمت 89 پيسا في يونٽ وڌائي وئي هئي، ٽين ٽه ماهي ۾ 67 پيسا ۽ چوٿين ٽه ماهي ۾ 83 پيسا واڌ ڪئي وئي هئي.

ٻڌايو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ 3 ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي. بجلي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان 300 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ صارفين مٿان هوندو.

ڪي اليڪٽرڪ صارفين مٿان بجلي جي واڌ وارو اعلان لاڳو نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button