رانديون

سرفراز جو عالمي ڪيريئر ختم آهي، رميز راجا دعوا ڪري ڇڏي

پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي عالمي ڪيريئر جي ختم ٿيڻ جي دعوا ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ذريعن ڄاڻ ڏني آهي تھ پي سي بي چيئرمين سليڪشن ڪاميٽي جي سربراهه سان ملاقات ۾ سرفراز احمد بابت آگاهي ڏني. ذريعن موجب رميز راجا جو چوڻ هو تھ سرفراز احمد جو عالمي ڪيريئر هاڻ ختم ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ هو تھ محمد رضوان جي شاندار فارم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد حارث جي واپسي بعد قومي ٽيم سرفراز جي واپسي جو امڪان ختم ٿي ويو آهي. جڏهن تھ سرفراز احمد اڳي اسڪواڊز جو حصو رهندو هو، پر هاڻ ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز ۾ سرفراز کي اسڪواڊ جو حصو نھ بڻايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button