
جرمني جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ميچ ۾ آسٽريا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق جرمني ۾ جاري ٽھ ملڪي سيريز جي رائونڊ ميچ ۾ جرمني جي ٽيم 3 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي آهي. ان کان آسٽريا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ جرمني جي ٽيم 125 رنسون ٺاهي مليل هدف آساني سان حاصل ڪيو. جرمني جي آل رائونڊر والٽر بيحر ٽي وڪيٽون وٺڻ ۽ 22 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.