رانديون

جوڪووچ ۽ آئيگا ومبلڊن ٽورنامينٽ ۾ فيوريٽ قرار

سربيا سان تعلق رکندڙ ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ ۽ ويمن رينڪنگ ۾ نمبر ون آئيگا سويٽيڪ ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ فيوريٽ قرار ڏنا ويا آهن. ميڊيا مطابق ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جي آرگنائيزرن ٽاپ سيڊيڊ رانديگرن جي لسٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ نواڪ جوڪووچ ۽ ويمن پليئر آئيگا سويٽيڪ ٽاپ سيڊيڊ قرار ڏنا ويا آهن. ٻڌايو ويو آهي تھ لنڊن ۾ 27 جون کان ٿيندڙ ايونٽ ۾ روس ۽ بيلاروس جا رانديگر پابندي سبب نھ کيڏندا. جڏهن تھ جرمني جو عالمي نمبر 2 رانديگر زيوريف انجري سبب ايونٽ مان اڳ ئي نڪري چڪو آهي، تنهنڪري نواڪ جوڪووچ ۽ آئيگا سويٽيڪ ٽاپ سيڊيڊ آهن. جڏهن تھ رافيل نڊال سيڪنڊ سيڊ تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button