
هنگري ۾ جاري ورلڊ سوئمنگ چيمپيئن شپ ۾ مقابلي دوران عورت تيراڪ ٻڏي وئي آهي. بڊاپسٽ ۾ جاري مقابلن دوران آمريڪي تيراڪ انيتا ايلوريز مقابلي دوران بيهوش ٿي گهرائي ۾ ڪري پئي. جڏهن تھ آمريڪي ويمن تيراڪ جي ڪوچ اينڊريا فيونٽس کي تيراڪ ۾ گڙٻڙ محوس ٿي ۽ هن پاڻي ۾ ٽپو ڏئي کيس ٻاهر ڪڍي بچائي ورتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ انيتا پاڻي مان ڪڍڻ وقت ساهه نھ پئي کينو، جنهن کي طبي عملي حوالي ڪيو ويو، جنهن علاج بعد کيس صحتمند قرار ڏنو آهي.