رانديون

ويسٽ انڊيز 408 رنسون ٺاهيون، بنگلاديش جا 132 رنسن تي 6 آئوٽ

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن واري راند ۾ 408 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق نمگلاديش جي بيٽرن ٻي اننگز ۾ 132 رنسون ٺاهيون آهن ۽ سندن 6 اهم وڪيٽون ڪري پيون آهن. ويسٽ انڊيز جي ڪائلي مائيرس مجموعي طور 146 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿي ويو آهي. جڏهن تھ جوشوئا ڊا سلوا 29 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. اهڙي ريت بنگلاديش جو نجم الحسن شنٽو 42 رنسن سان نمايان رهيو، جنهن بعد مهدي حسن ۽ نور الحسن راند ختم ٿيڻ وقت ڪريز تي موجود هئا. ڪپتان شڪيب الحسن 16، لٽن داس 19، محمد الحسن 13، تميم اقبال ۽ انعام الحق 4،4 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ميزبان ٽيم جي بالر ڪيما روچ 3 اهم وڪيٽون وٺي ڪاميابي جا بنياد رکي ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button