رانديون

سريلنڪا ويمن ڀارت کان آخري ٽي 20 ميچ کٽي ورتي

سريلنڪا جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم آخري ٽي 20 ميچ ۾ ڀارت ويمن کي شڪست ڏئي پاڻ کي ڪلين سوئيپ شڪست ڏيارڻ کان بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت ويمن 5 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهي سريلنڪا کي هدف ڏنو، ڀارتي ڪپتان هرمنپريت ڪور 39 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي، سمرتي مندنا، سيڀنيني ميگهنا 22،22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويون. جڏهن تھ سريلنڪا جي ڪپتان چماري اتاپتو 80 رنسون ٺاهيون، جنهن بعد 142 رنسون ٺاهي ٽيم 7 وڪيٽن تان فتح ماڻي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button