رانديون

روٽ ۽ بئريسٽو انگلينڊ کي کٽرائي ڇڏيو، نيوزيلينڊ کي شڪست

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري ٽيسٽ ۾ بھ نيوزيلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق هيڊنگلي ٽيسٽ جي آخري ڏهاڙي تي انگلينڊ جي بيٽرن 3 وڪيٽون وڃائي هدف پورو ڪري ورتو. انگلينڊ جي بيٽرن جوني بئريسٽو 71 ۽ جو روٽ 86 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ اولي پوپ 82، ڪرائولي 25 ۽ ايلڪس ليز 9 رنسون ٺاهيون. ٽن ميچن واري ٽيسٽ سيريز ۾ نيوزيلينڊ ڪابھ ميچ نھ کٽي سگهي. نيوزيلينڊ 329 ۽ 326 رنسن جي اننگز کيڏيون، انگلينڊ 360 ۽ 296 رنسن جي اننگز کيڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button